SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تبديل پسندي- تجديديت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تبديل پسندي- تجديديت

Renewalism

رينيوئلزم

هيءُ اصطلاح پهريون ڀيرو نالي واري مغربي دانش ور پروفيسر ’هنٽنگٽن‘ جي پرڏيهي معاملن تي لکيل مضمون (89-1988ع) ۾ آمريڪا ۾ بحث هيٺ ايندڙويچار”زواليت“ خلاف ڏنل دليلن ۾ استعمال ڪيو ويو. سندس خيال موجب ڪنهن به عظيم عالمي طاقت جو سڀ کان وڏو امتحان اهو آهي ته اُها مٽجندڙ حالتن سان پنهنجو پاڻ کي ٺهڪائڻ لاءِ ڪيتري حد تائين تبديل ٿئي ٿي. پروفيسر هنٽنگٽن موجب، آمريڪا پنهنجو پاڻ کي تبديل پسنديءَ جو حصو بڻائيندي، ٽي اصولي معيار ڳولي ورتا آهن 1. چٽا ڀيٽي 2. چرُپر، ۽ 3. لڏپلاڻ (Immigration)، انهن معيارن جي ڪري آمريڪا نه رڳو دُنيا ۾ گهڻ - رُخو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، بلڪ اُهو زوالي حالتن ۾ به انهيءَ حڪمت عمليءَ جي سهاري هر بُحران کي مُنهن ڏيئي سگهبو. هي نظريو ”طاقتي تاڃي پيٽي“ (Power Infrastructure)کي بحث ۾ آڻيندي، بُنيادي طور ان ڳالهه جي وڪالت ڪري ٿو ته دُنيا ۾ طاقت جو سرشتو ڪهڙي به قسم جو ڇو نه وڃي بيهي، آمريڪا حالتن سان ٺهڪندڙ پاليسين جوڙڻ سبب هر قسم جي سرشتي ۾ ڪاميابيءَ سان اڳڀرائي ڪري سگهندو


Remember Me Also:

بٺو

ذ. [سن. ڀڙشٽ، ڀراشٽرَ= تئي] باه جو کُورو ، بَٺي. چُنَ. سِرُن وغيره جو کورو. لوهارن ۽ ٺاٺارن جي ڪم جو چُلهو ، کُورو. بَدن تي ڌَڪ جو نشان ، ٻَنو ، وَڍ. بار بردار جانور جي پُٺيءَ تي ٿيل گاٺ ل ، چُٽو. درياءَ ۾ وَهُڪَ جي تيزيءَ واري لَسَ. اسم خاص تعلقي ٽنڊ

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal